حسام سومرو

حسام سومرو: نامور صحافي محمد حسين ’حسام‘ سومرو ولد محمد ابراهيم سومرو، 2 فبروري 1944ع تي ڳوٺ بچل سومري، (موجوده نسيم نگر)، حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس ٻاروتڻ ٺٽي ۾ گذريو. 1954ع ڌاري ميرپور بٺوري مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪيائين ان دوران ’نواءِ سنڌ‘ اخبار جي هفتيوار ٻارن واري صفحي پڙهڻ سان منجهس ٻاراڻي ادب ڏانهن لاڙو پيدا ٿيو. اڳتي هلي پاڻ به لکڻ لڳو. 1960ع ۾ سندس پهريون ڪتاب ’موج تبسم‘ شايع ٿيو. 1960ع ۾ حيدرآباد جي اشاعتي اداري آر ايڇ احمد اينڊ برادرس جو مدينه پرنٽنگ پريس ۾ پروف ريڊر مقرر ٿيو. ساڳئي سال ٻارن لاءِ سندس ٽي ڪتاب، امين ڪتاب گھر حيدرآباد جي تعاون سان شايع ٿيا، جن ۾ (1)’گل صنوبر‘، (2)’ناني پوڙهي‘ ۽ (3) ’عبرتناڪ آکاڻيون‘ شامل آهن. سندس هنن ڪتابن جا چار چار ايڊيشن شايع ٿيا آهن.
1964ع ۾ روزاني ’خادم وطن‘ ۾ ٻارن جي صفحي ’ڦلواڙي‘ کي سنڀاليائين. ’ڦلواڙي‘ نالي سان ٻارن جي علمي ادبي تنظيم جو قيام عمل ۾ آندائين. هن تنظيم جا يونٽ سنڌ جي مختلف شهرن: شڪارپور، ٻيراڻي، ٽنڊي آدم ۽ ٽنڊي ڄام وغيره ۾ قائم ٿيا. 1978ع ۾ روزاني هلال پاڪستان جي صفحي ’گلن جھڙا ٻارڙا‘ جو انچارج ٿيو. ان دوران گلن جھڙا ٻارڙا تنظيم جو بنياد پيو، جنهن سنڌ ۾ نه رڳو ٻاراڻي ادب ۾ واڌارو ڪيو، پر ٻاراڻي ادب جا ڪيترائي نوان ليکڪ به اُڀريا.
هن جگر جي عارضي سبب، 2 جنوري 2011ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.02.02  عيسوي

نامور صحافي محمد حسين ’حسام‘ سومرو ولد محمد ابراهيم سومرو، 2 فبروري 1944ع تي ڳوٺ بچل سومري، (موجوده نسيم نگر)، حيدرآباد ۾ ڄائو.


2011.01.02  عيسوي

هن جگر جي عارضي سبب، 2 جنوري 2011ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروانو ڀٽي
صديقي الهورايو طارق
ضمير نيازي
گلشن شيخ
آصف رضا موريو
الهه بچايو جمالي
درس عبدالغني
خانزادو سميع الوري
جاويد ڀٽي
سرفراز وسطڙو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون